اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4643 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 42 هزار 6 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 643 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 42 هزار 6 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4 هزار 179 رپين جي واڌ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4643 رپين جي واڌ
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4643 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 42 هزار 6 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 643 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 42 هزار 6 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4 هزار 179 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 74 هزار 166 رپين مان وڌي 3 لک 78 هزار 345 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 43 هزار 290 رپين مان وڌي 3 لک 47 هزار 083 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 189 رپين جي واڌ کانپوءِ 7151 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 170 رپين جي واڌ کانپوءِ 6079 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4158 ڊالرز کان وڌي 4202 ڊالرز ٿي وئي.












