برگن اسٽاڪ- 22 جون (اي پي پي) اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون اجلاس سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ پُڄاڻي تي پهتو. ليڪ لوسرن اجلاس هڪ مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو، جنهن ۾ حوصلا افزا اڳڀرائي سامهُون آئي. مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي، ڌرين هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪا ثالثي جي …
اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون اجلاس پُڄاڻي تي پهتو، ڌُرين پاران حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ روڊ ميپ ۽ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق: ڳالهين جو گڏيل بيان جاري
برگن اسٽاڪ- 22 جون (اي پي پي) اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون اجلاس سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ پُڄاڻي تي پهتو. ليڪ لوسرن اجلاس هڪ مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو، جنهن ۾ حوصلا افزا اڳڀرائي سامهُون آئي. مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي، ڌرين هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪا ثالثي جي عمل جي سياسي طور تي نگراني ڪندي. ڳالهيُون ڪندڙ مُک اڳواڻ هن ڪميٽي کي باقاعدگي سان رپورٽون پيش ڪندا. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي يا غلط فهمي کان بچڻ لاءِ ڌرين جي وچ ۾ رابطي جي هڪ لائن قائم ڪئي وئي آهي. سومر تي ليڪ لوسرن سمٽ ۽ آمريڪا ۽ ايران جي شرڪت سان منعقد ٿيندڙ پهرين اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي پُڄاڻي تي پاڪستان ۽ قطر پاران جاري ڪيل گڏيل بيان موجب، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت اعليٰ سطحي ڳالهين جو پهريون اجلاس سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ پُڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ايران، آمريڪا ۽ ثالثي ڪندڙ ٻن ملڪن، قطر ۽ پاڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي. لوسرن ڍنڍ سمٽ مثبت ۽ لاڀائتي ماحول ۾ منعقد ٿي، جنهن دوران حوصلا افزا اڳڀرائي سامهون آئي، جنهن ۾ وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهين لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ به شامل آهي. مفاهمت جي يادداشت جي بنياد تي، ڌرين هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪا ثالثي جي عمل جي سياسي نگراني ڪندي. ڳالهيُون ڪندڙ مُک اڳواڻ هن ڪميٽي کي باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندا ۽ جوهري معاملن، پابندين، نگراني ۽ تڪرارن جي حل سان لاڳاپيل ورڪنگ گروپن جي اڳواڻي ڪندا ته جيئن مفاهمت جي يادداشت تي موثر عمل درآمد يقيني بڻائي سگهجي. اعليٰ سطحي ڪميٽي ايندڙ 60 ڏينهن اندر هڪ حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو، جنهن تحت وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهيون فوري طور تي شروع ڪيون وينديون. ان کانسواءِ مفاهمتي ياداشت جي پيراگراف 5 ۾ بيان ڪيل مُدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي يا غلط فهمي کان بچڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ هڪ رابطه لائن قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد آبنائي هرمز وسيلي واپاري جهازن جي محفوظ آمدرفت کي يقيني بڻائڻ آهي. جڏهن ته ڌرين ثالثي ڪندڙ ملڪن جي سهولت سان پنهنجي وچ ۾ ۽ لبنان سان هڪ تڪرار ختم ڪرڻ وارو سيل قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي ته جيئن مفاهمتي يادداشت مُوجب لبنان ۾ فوجي ڪارروائين جي خاتمي تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. سڀني معاملن تي ٽيڪنيڪل ڳالهيون هفتي جي باقي ڏينهن ۾ برگن اسٽاڪ ريزارٽ ۾ جاري رهنديون. ثالثي ڪندڙ ملڪ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڀرپُور ڪوششون جاري رکندا ته ڳالهيون تعميري ماحول ۾ اڳتي وڌنديُون رهن ۽ هڪ حتمي معاهدي تائين پهچي سگهجي. گڏيل بيان موجب، قطر ۽ پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران پاران سفارتڪاري ۽ تڪرار جي پرامن حل لاءِ مسلسل وابستگي ۽ عزم کي ساراهيو ويو آهي ۽ جاري ڳالهين ۾ ڀائر ۽ دوست ملڪن جي مسلسل حمايت ۽ قيمتي تعاون تي انهن جا ٿورا ادا ڪيا ويا آهن.











