اسلام آباد - 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي ميمبر اقبال آفريدي جي ميمبرشپ واري معطلي ختم ڪرڻ واري رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بئريسٽر گوهر خان ان حوالي سان رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي هن رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ بئريسٽر گوهر خان جي اعتراض واري نقطي …
قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي ميمبر اقبال آفريدي جي ميمبرشپ جي معطلي ختم ڪرڻ واري رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي ميمبر اقبال آفريدي جي ميمبرشپ واري معطلي ختم ڪرڻ واري رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بئريسٽر گوهر خان ان حوالي سان رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي هن رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ بئريسٽر گوهر خان جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻڌايو ته جڏهن به قومي مفاد ڪمپرومائيز ٿيندو ۽ رياست، عدليه ۽ هٿياربند فوج تي ڳالهه ٿيندي ته هن جي آن ايئر اجازت نه هوندي. هن چيو ته ميمبرشپ جي معطلي کي ختم ڪرڻ تي کيس ڪو اعتراض ناهي، مون کي ذميواري ڏني وئي آهي ته مان هائوس ۽ ايم اين ايز جي وقار ۽ انهن جي حق جون تحفظ ڪيان. اقبال آفريدي کي به درخواست آهي ته هو پاس کان سواءِ ڪنهن کي به اسيمبلي ۾ نه وٺي اچي.











