اسلام آباد- 20 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد کان مصر جي گادي واري هنڌ قاهره لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي آر-4 گروپ جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس جي موقعي تي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙ ملڪن جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر لاءِ روانو
اسلام آباد- 20 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد کان مصر جي گادي واري هنڌ قاهره لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي آر-4 گروپ جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس جي موقعي تي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو. ان کانسواءِ، هو مصري صدر عبدالفتح السيسي سان به ملاقات ڪندو.











