نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف پنهنجي صدر ۽ پنهنجي پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن ان عمل کي ممڪن بنائڻ ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف پنهنجي صدر ۽ پنهنجي پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن ان عمل کي ممڪن بنائڻ ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير جي تعميري ڪردار ۽ قيادت جي تعريف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن ٽياڪڙ طور پاڪستان جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي امن کي هٿي ڏيڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي قيام ۾ پاڪستان جي اهم ڪردارجو اعتراف ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان اميد جو اظهار ڪيو ته حاصل ٿيل اڳڀرائي کي ايندڙ مرحلي ۾ پڻ اڳيان وڌايو ويندو جيڪو خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.   ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.