وفاقي وزير محسن نقوي پاران بنون جي علائقي ۾ ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته معصوم ماڻهن ۽ ٻارن کي نشانو بنائڻ درندگي آهي. هن چيو ته وحشي خوارجي ڪنهن به رعايت جا مستحق …

اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته معصوم ماڻهن ۽ ٻارن کي نشانو بنائڻ درندگي آهي. هن چيو ته وحشي خوارجي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.