تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچائڻ لاءِ فول پروف ميڪانزم  اڻٽر آهي: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پيٽروليم منصوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر عام دڪانن ۽ روزمره جي شين تي منتقل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ فعال ميڪانزم جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. جيئن هوائي ۽ ريل جي سفر جهڙن وڏن شعبن ۾ ڪراين ۾ فوري گهٽتائي ڏسڻ …

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پيٽروليم منصوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر عام دڪانن ۽ روزمره جي شين تي منتقل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ فعال ميڪانزم جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. جيئن هوائي ۽ ريل جي سفر جهڙن وڏن شعبن ۾ ڪراين ۾ فوري گهٽتائي ڏسڻ لاءِ ملندي آهي ايئن عام مارڪيٽن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ مقامي انتظاميه جي ذميواري آهي ته جيئن ڪاروباري طبقي کي پڻ قيمتون ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته عام دڪانن تي شين جي اگهن جي نگراني لاءِ اڄ جي دور ۾ هاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان انتهائي آسان ۽ موثر نظام لاڳو ڪري سگهجي ٿو ۽ امڪاني طور  تي صوبائي حڪومتون ان رخ ۾ ڪم به ڪري رهيون آهن. هن عوامي شڪايتن جو ذڪر ڪندي چيو ته عوام هميشه اهو چاهي ٿو ته اهڙو سسٽم موجود هجي جنهن تحت تيل سستو ٿئي ته قيمتن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن واپارين ۽ مارڪيٽن جي مروجه طريقيڪار  جو احاطو ڪندي ان ڳالهه جي وضاحت پڻ ڪئي ته جڏهن ڪو دڪاندار يا سپلائر 15 کان 20 ڏينهن تائين مهانگو تيل خريد ڪري مصنوعات  تيار يا منتقل ڪري ٿو ته پيٽرول جي قيمت ۾ اوچتو هڪ ڏينهن جي گهٽتائي سان ان جو اڳوڻو نقصان فوري طور تي پورو نٿو ٿئي. جيڪي ماڻهو گذريل ٻن ٽن هفتن کان مهانگي تيل تي مال آڻي رهيا آهن يا وڪرو ڪري رهيا آهن، اهي  ٻئي ڏينهن اگهه گهٽ نٿا ڪري سگهن ۽ کين ان تبديلي لاءِ يقيناً ڪجهه وقت لڳندو. هن زور ڀريو ته ان پوري عمل کي مربوط بڻائڻ لاءِ هڪ مستقل ميڪانزم جو هڪ هنڌ هئڻ ضروري آهي جنهن تي آهستي آهستي ڪم ٿي رهيو آهي پر ان جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.