سڄي ملڪ ۾ شهرين پاران پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ عوام وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي واري وقت سر فيصلي جي تعريف ڪندي ان کي عوام لاءِ وڏو رليف قرار ڏنو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 74 روپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 روپيا في ليٽر جي گهٽتائي کي عوام لاءِ هڪ تاريخي تحفو قرار ڏيندي عوام …

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ عوام وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي واري وقت سر فيصلي جي تعريف ڪندي ان کي عوام لاءِ وڏو رليف قرار ڏنو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 74 روپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 روپيا في ليٽر جي گهٽتائي کي عوام لاءِ هڪ تاريخي تحفو قرار ڏيندي عوام چيو ته ان قدم سان حڪومت جي مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ شهرين کي فوري رليف فراهم ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مختلف شهرن جي رهواسين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ان فيصلي جي تعريف ڪئي ۽ ان کي مالي دٻاءَ گهٽ ڪرڻ طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. پي ٽي وي ۽ ٻين نيوز چينلز سميت مختلف ميڊيا آئوٽ ليٽس سان ڳالهين دوران پنهنجي تاثرن جو اظهار ڪندي هنن ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي تعريف ڪئي ته ان سان روز مره جي خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ وڌندڙ خرچن جي حوالي سان رليف ملندو. ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان گاڏين ۽ مسافرن ٻنهي  کي سٺو رليف ملندو جنهن سان روزاني سفر ڪرڻ سستو ٿي ويندو. لاهور، چمن، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن جي رهواسين جو چوڻ هو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي هڪ سٺو رليف آهي، جنهن سان روزاني جي سفري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. شاگردن ۽ نوجوانن چيو ته هن مشڪل وقت ۾ ٻارڻ جون قيمتون وڏو بار هيون پر قيمتن ۾ تازي گهٽتائي عوام لاءِ هڪ سٺو تحفو آهي، جنهن سان انتهائي ضروري رليف ۽ روزاني جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. واضح رهي ته مختلف علائقن ۾ عوام ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي سٺو رليف قرار ڏنو جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي پيٽرول پمپس تي پڻ رش ڏسڻ ۾ آئي، شهري گاڏين جون ٽينڪيون ڀرائي رهيا هئا ۽ روزاني جي سفري خرچن ۾ گهٽتائي تي تمام گهڻو خوش نظر آيا.