لاڙڪاڻو جي دڙي ٽائُون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال جي هدايتن تي جلوسن جي روٽن تي لائيٽنگ جو ڪم تيزيءَ سان جاري

لاڙڪاڻو- 20 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي دڙي ٽائُون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال جي هدايتن تي محرم الحرام  جي سلسلي ۾ دڙي ٽائون جي مختلف امام بارگاهن، مجلسن جي هنڌن ۽ جلوسن جي روٽن تي لائيٽنگ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. شاهه رخ انور خان سيال جي خاص هدايتن تي عزادارن کي بهتر سهولتن جي فراهميءَ لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، مجلسن …

لاڙڪاڻو- 20 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي دڙي ٽائُون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال جي هدايتن تي محرم الحرام  جي سلسلي ۾ دڙي ٽائون جي مختلف امام بارگاهن، مجلسن جي هنڌن ۽ جلوسن جي روٽن تي لائيٽنگ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. شاهه رخ انور خان سيال جي خاص هدايتن تي عزادارن کي بهتر سهولتن جي فراهميءَ لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، مجلسن ۽ جلوسن جي انعقاد لاءِ لائيٽنگ سميت ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ٻئي طرف چيئرمين دڙي ٽائون  شاهه رخ انور خان سيال  امام بارگاهه درگاهه سيد ميهر شاهه بخاري لاهوري محلي ۾ سولر سسٽم پلانٽ جو افتتاح ڪيو. محرم الحرام جي موقعي تي چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور خان سيال طرفان مؤمنن جي سهولت، مجلسنِ عزا ۽ ٻين مذهبي پروگرامن دوران بنا رڪاوٽ بجليءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف امام بارگاهن ۾ پڻ سولر سسٽم پلانٽ نصب ڪيو ويو آهي. هن موقعي تي امام بارگاهه جي بانيان ۽ اهلِ تشيع جي معززين سولر سسٽم پلانٽ جي فراهميءَ تي شاهه رخ انور خان سيال جا ٿورا مڃيندي سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں