اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان سان تعلق رکندڙ نور زمان ۽ ناصر اقبال شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽين ايشين ڊبلز اسڪواش چيمپئن شپ 2026ع جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان جي محمد حمزه خان ۽ محمد عاصم خان کي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو. ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ نور زمان ۽ ناصر اقبال ڏکڻ ڪوريا جي اوسيوجن ۽ لي من …
پاڪستان سان تعلق رکندڙ نور زمان ۽ ناصر اقبال ايشين ڊبلز اسڪواش چيمپئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان سان تعلق رکندڙ نور زمان ۽ ناصر اقبال شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽين ايشين ڊبلز اسڪواش چيمپئن شپ 2026ع جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان جي محمد حمزه خان ۽ محمد عاصم خان کي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو. ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ نور زمان ۽ ناصر اقبال ڏکڻ ڪوريا جي اوسيوجن ۽ لي من ووڪو سنسي خيز مقابلن کانپوءِ 2-1 تان شڪست ڏئي ميچ جو اسڪور 10-12، 11-4 ۽ 11-2 رهيو. هي مقابلو 28 منٽن تائين جاري رهيو ۽ هڪ ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي محمد حمزه خان ۽ محمد عاصم خان جو مقابلو ملائيشيا جي سنجي جيوا ۽ ڊنڪن لي سان ٿيو، جنهن ۾ قومي جوڙي کي 1-2 تان شڪست نصيب ٿي. ميچ جو اسڪور 4-11، 11-9 ۽ 7-11 رهيو. چيمئپن شپ جو سيمي فائنل مقابلو ڇنڇر (اڄ) کيڏيو ويندو. جتي نور زمان ۽ ناصر اقبال پاڪستان جي نمائندگي ڪندي فائنل تائين رسائيءَ لاءِ ميدان ۾ لهندا.










