ڪئناڊا جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ تاريخي فتح، جوناٿن ڊيوڊ جي شاندار هيٽ ٽرڪ، قطر کي 0 – 6 تان شڪست

وينڪوور – 19 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي هڪ سنسني خيز ۽ هڪطرفي مقابلي ۾ ميزبان ڪئناڊا قطر کي 0 – 6 جي عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين تاريخي فتح ماڻي ورتي آهي. شهنوا موجب ڪئناڊا جي ان شاندار فتح ۾ اسٽار رانديگر جوناٿن ڊيوڊ جي هيٽ ٽرڪ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مئچ دوران قطري ٽيم جي 2 رانديگرن …

وينڪوور – 19 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي هڪ سنسني خيز ۽ هڪطرفي مقابلي ۾ ميزبان ڪئناڊا قطر کي 0 – 6 جي عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين تاريخي فتح ماڻي ورتي آهي. شهنوا موجب ڪئناڊا جي ان شاندار فتح ۾ اسٽار رانديگر جوناٿن ڊيوڊ جي هيٽ ٽرڪ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مئچ دوران قطري ٽيم جي 2 رانديگرن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر موڪليو ويو. جوناٿن ڊيوڊ ٽي، سائل لارين، نيٿن سليبا ۽ محمد منائي هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بي سي پليس، وينڪوور، ڪئناڊا ۾ کيڏي ويندڙ گروپ بي جي مئچ ۾ ميزبان ڪئناڊا ۽ قطر جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن جي شروعات ئي ڪئناڊا جي جارحاڻي حملن سان ٿي، جڏهن 16هين منٽ ۾ ڪائل لارين بال کي نيٽ ۾ پهچائي پنهنجي ٽيم کي 0 – 1 جي برتري ڏياري. راند جي 29هين منٽ ۾ جوناٿن ڊيوڊ هڪ شاندار پاس تي گول ڪري ان برتري کي 0 – 2 ڪري ڇڏيو. ڪجهه ئي منٽن کانپوءِ جوناٿن ڊيوڊ هاف ٽائيم کان اڳ ئي پنهنجو ٻيو گول ڪري ڇڏيو. مئچ جي 64هين منٽ ۾ ناٿن سليبا هڪ جادوئي فري ڪڪ تي چوٿون اسڪور ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ئي دير کانپوءِ قطري دفاعي رانديگر محمد منائس جي غلطي جي ڪري هڪ اون گول (پنهنجي ئي نيٽ ۾ گول) ٿي ويو جنهن سان اسڪور 0 – 5 ٿي ويو. مئچ جي آخري منٽن (اسٽابج ٽائيم) ۾ جوناٿن ڊيوڊ پنهنجو ٽيون گول مڪمل ڪري پنهنجي هيٽ ڪئي ۽ ڪئناڊا کي 0 – 6 جي تاريخي ۽ ناقابل يقين فتح ڏياري.

مزید خبریں