وزيراعظم پاران آمريڪا ايران معاهدي ۾ ڪامياب ٽياڪڙيءَ تي قوم، سياسي ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي عملي جامو پهرائڻ تي قوم، سياسي ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان کي جيڪا عزت ۽ مرتبو مليو آهي، قومن کي صدين ۾ اهڙيون ڪاميابيون نصيب نه ٿينديون آهن، اسان کي دنيا کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻو آهي ۽ ان عظيم فتح جي تقاضا اها آهي ته …

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي عملي جامو پهرائڻ تي قوم، سياسي ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان کي جيڪا عزت ۽ مرتبو مليو آهي، قومن کي صدين ۾ اهڙيون ڪاميابيون نصيب نه ٿينديون آهن، اسان کي دنيا کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻو آهي ۽ ان عظيم فتح جي تقاضا اها آهي ته اسان سڀ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ ئي صف ۾ بيهون. ان معاهدي سان دنيا ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جنهن جا اثر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ان ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني آهي ۽ ايراني صدر سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته خدا تعاليٰ جو بيحد شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن پاڪستان کي اها عزت عطا فرمائي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ جو معاهدو ٿيو، ان لاءِ پوري پاڪستاني قوم ان ايوان جي ميمبرن کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ قومون اهڙي عزت جي تلاش ۾ صديون گذاري وڃن ٿيون پر اهي اهڙيءَ طرح عزت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿينديون آهن جهڙيءَ طرح پاڪستان کي الله تعاليٰ عزت عطا فرمائي. اڄ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو عزت ۽ وقار سان گونجي رهيو آهي، پاڪستان جي ان ڪردار تي ان ايوان مان هڪ متفقه قرارداد وڃڻ گهرجي جيڪا ان عظيم ڪاميابيءَ لاءِ ان هائوس طرفان ڀرپور تائيد هوندي ۽ ان سان دنيا ۾ يڪجهتي، اتفاق ۽ اتحاد جو پيغام ويندو. هن مخالف ڌر کي به دعوت ڏني ته هو سياسي ويڇا هڪ پاسي رکي گڏجي ان مبارڪ ڏينهن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪن ۽ دنيا کي ٻُڌائين ته سياسي ويڇن سان گڏوگڏ قومي مفادن لاءِ اسان هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين. هن پاڪستان جي ان ڪاميابيءَ جو اعتراف هڪ شعر ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان عظيم ڪاميابيءَ ۾ سڀ کان اهم ڪردار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ادا ڪيو، هن امن جي قيام لاءِ اڍائي مهينا ڏينهن رات ڪم ڪيو، ڪيترائي اهڙا موقعا آيا جڏهن ائين محسوس ٿي رهيو هو ته جنگبندي ختم ٿيڻ واري آهي جڏهن ته خدا تعاليٰ کي پاڪستان کي عزت ۽ وقار ڏيڻو هو ان جي ڪري هو جبل نما مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ٿيون. هن چيو ته هي قوم جو ڪريڊٽ آهي. هن چيو ته هو نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار کي به مبارڪون پيش ڪري ٿو جنهن ان عمل ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وڌو. اهڙيءَ طرح گهرو وزير سيد محسن نقوي به ايران جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن مخالف ڌر جي پارٽين، انهن جي ميمبرن، اتحادي پارٽين، انهن جي اڳواڻن کي به مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن سندس ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان اڌ ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جو ايراني حڪومت ۽ ايراني قوم طرفان دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو، جن ان مشڪل وقت ۾ ايران جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان ايران سان جبل وانگر بيٺو رهيو. ايراني صدر فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو به ٿورو مڃيو. هن پاڪستاني قوم جي خلوص ۽ سپورٽ جو به ٿورو مڃيو. مون کيس پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏيندي چيو ته قوم اوهان جو پاڪستان ۾ شاندار آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ منتظر آهي ته جيئن دنيا کي اهو ٻُڌائي سگهجي ته ايران ۽ پاڪستان صرف پاڙيسري ملڪ نه پر ڀائر ملڪ آهن ۽ اسان جون دليون گڏجي ڌڙڪن ٿيون. ايراني صدر پهرين فرصت ۾ پاڪستان اچڻ جو اشارو ڏنو آهي ته هو پاڪستان اچي عوام جو ٿورو مڃيندو. ان موقعي تي هن سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي تدفين جو 3 يا 4 جولاءِ تي ٿيڻ جو امڪان آهي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن تي کيس چيو آهي ته هي اسان جو فرض آهي ۽ انشاءَ الله اتي پاڪستان موجود هوندو ته جيئن اسان دنيا کي ٻُڌائي سگهون ته ان لاءِ اسان جي دلين ۾ ڪيترو احترام آهي. پاڪستان ۽ ايران ٻه اهڙا ڀائر آهن جيڪي ايندڙ وقت ۾ انتهائي ويجهي سان هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهندا. هن چيو ته ان جنگبنديءَ جي نتيجي ۾ ان خطي ۾ معاشي خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ جنگبندي کانپوءِ هاڻ تيل جون قيمتون تيزيءَ سان هيٺ اچي رهيون آهن، انهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آندي ويندي. ان تي هفتيوار نظرثاني جمعي تي ٿيندي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته جڏهن ٽي مهينا اڳ جنگ شروع ٿي ته ان وقت تيل جي قيمتن کي باهه لڳي وئي ۽ مهانگائيءَ جو هڪ طوفان آيو. پاڪستان جي عوام جهڙيءَ طرح ان دوران تحمل ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان تي پاڪستاني عوام جو ٿورو مڃيان ٿو. هن مشڪل وقت ۾ برداشت ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته حڪومت مهانگائيءَ جي ان طوفان کان عام ماڻهوءَ کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پيٽروليم شين تي 128 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ته جيئن عوام تي مهانگائيءَ جو بار گهٽ کان گهٽ پوي. هن چيو ته هاڻ اها ڪاري رات ختم ٿيڻ تي آهي ۽ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سج اُڀرڻ وارو آهي. وزيراعظم صوبائي حڪومتن جو به ٿورو مڃيو جن ان مشڪل وقت ۾ وفاق جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ هنن پنهنجي عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، رٿابندي واري وزير، نائب وزيراعظم، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ پيٽروليم واري سيڪريٽريءَ جو به ٿورو مڃيو جن گڏجي ان ۾ پنهنجو حصو وڌو. هن چيو ته ان مشڪل ترين حالتن باوجود پاڪستان پيٽرولم پمپس تي لائينون نه لڳيون، جڏهن ته سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اهو سڀني جي سامهون آهن. وزيراعظم سمورن دوست ملڪن جو پڻ ٿورو مڃيو جن امن جي قيام ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وڌو. هن ايران جي ليڊرشپ جي سنجيدگي سان گڏوگڏ ڳالهين واري عمل ۾ شرڪت تي سندن ٿورو مڃيو. هن آمريڪا جي قيادت خاص ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڳالهين واري عمل ۾ ڀرپور حصو وجهڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم ڀائر ملڪن قطر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي ڪردار کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته چين جيڪو پاڪستان جو هماليه وانگر بلند دوست ملڪ آهي ان جو ان عمل ۾ وڏو ڪردار رهيو، ان جي ليڊرشپ امن عمل ۾ ڀرپور معاونت ڪئي. هن ان عمل ۾ حصو وجهندڙ ٻين ملڪن جو به ٿورو مڃيو. وزيراعظم چيو ته اها عزت ۽ وقار قومن کي صدين ۾ نٿي ملي، اسان کي ان عزت تي الله تعاليٰ جي حضور اڳيان سجدو ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ان ايوان مان قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام وڃڻ گهرجي ته جيئن اسان جو دشمن پريشان ۽ دوستن جي همٿ وڌي. وزيراعظم چيو ته اها عظيم ڪاميابي ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته ان عظيم فتح لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ صف ۾ بيٺل آهيون.

مزید خبریں