پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير اتاجان موولاموف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي مختلف امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي …

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير اتاجان موولاموف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي مختلف امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان طرفان وچ ايشيائي ملڪن سان تعليم، جدت ۽ علم جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ڳالهين ۾ ترڪمانستان ۾ اردو زبان کي هٿي ڏيڻ تي خصوصي اهميت ڏني وئي. چيئرمين ان حوالي سان دلچسپي رکندڙ تعليمي ادارن کي نصاب جي تياري، تدريسي ۽ تحقيقي مواد جي فراهمي، استادن جي تربيت ۽ ماهرن جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ايڇ اِي سي جي مڪمل حمايت جي آڇ ڪئي. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ پُراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، انهن کي علائقائي رابطن، علمي ڀائيواري ۽ پائيدار ترقيءَ تي ٻَڌل مستقبل جي حصيداريءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا سميت گڏيل تحقيقي منصوبن کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو.

مزید خبریں