قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر پنهنجي مقرر وقت کان 5 ڪلاڪ 4 منٽن وڌيڪ بحث ۾ حصو ورتو: اسپيڪر

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر پنهنجي مقرر وقت کان 5 ڪلاڪ 4 منٽن وڌيڪ بحث ۾ حصو ورتو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان ان طئي ٿيل وقت مان اڍائي ڪلاڪ باقي آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تفصيلن کان آگاهه ڪندي اسپيڪر ٻُڌايو ته حڪومت طرفان ان جي طئي ٿيل وقت ۾ اڃا اڍائي ڪلاڪ …

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر پنهنجي مقرر وقت کان 5 ڪلاڪ 4 منٽن وڌيڪ بحث ۾ حصو ورتو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان ان طئي ٿيل وقت مان اڍائي ڪلاڪ باقي آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تفصيلن کان آگاهه ڪندي اسپيڪر ٻُڌايو ته حڪومت طرفان ان جي طئي ٿيل وقت ۾ اڃا اڍائي ڪلاڪ باقي آهن، مخالف ڌر لاءِ 9 ڪلاڪن جو وقت مخصوص ڪيو هو پر هنن 14 ڪلاڪ 4 منٽ ڳالهايو جيڪو پنهنجي مقرر وقت کان 4 ڪلاڪ 3 منٽ ۽ 28 سيڪنڊ وڌيڪ آهي، جڏهن ته ان جي 62 ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو. گذريل ڏينهن ايوان ۾ پوڻي پنجين وڳي کان حڪومتي ميمبرن کي روڪي اسان چوندا رهياسين ته ايوان ۾ اچي بحث ۾ حصو وٺن ته جيئن مخالف ڌر جو ڪوبه ميمبر نه هو. ڪوشش آهي ته جمعي نماز کان اڳ اجلاس (اڄ) تائين لاءِ ملتوي ڪريون جڏهن ته ان جو دارومدار صورتحال تي ٻَڌل آهي.

مزید خبریں