اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن ۽ چئلينجز جو حل سياسي اتفاق راءِ ۾ آهي، مودي غلط فهميءَ ۾ رهي پاڪستان جي حصي جو پاڻي بند ڪيو ته ان تي جنگ کان به پوئتي نه هٽنداسين. گلگت بلتستان کي پ پ پ سياسي ۽ آئيني حق ڏنا، کين سُڃاڻپ ڏني، پ پ پ جو بنياد …
ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن ۽ چئلينجز جو حل سياسي اتفاق راءِ ۾ آهي، مودي غلط فهميءَ ۾ رهي پاڪستان جي حصي جو پاڻي بند ڪيو ته ان تي جنگ کان به پوئتي نه هٽنداسين، ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي احتجاج ختم ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن ۽ چئلينجز جو حل سياسي اتفاق راءِ ۾ آهي، مودي غلط فهميءَ ۾ رهي پاڪستان جي حصي جو پاڻي بند ڪيو ته ان تي جنگ کان به پوئتي نه هٽنداسين. گلگت بلتستان کي پ پ پ سياسي ۽ آئيني حق ڏنا، کين سُڃاڻپ ڏني، پ پ پ جو بنياد ڪشمير تي رکيو ويو آهي، ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي احتجاج ختم ڪري، انهن سان ڪيل معاهدي جي باقي رهيل نُڪتن تي عملدرآمد لاءِ سياسي رستو ڳالهيون آهن، اهڙو ماحول نه بڻايو وڃي جنهن سان ڪشمير تڪرار کي نقصان پهچي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو جن هميشه امن، جمهوريت ۽ مستحڪم خطي جي ڳالهه ڪئي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا، جن جي صلاحيت ۽ وطن جي دفاع لاءِ سندن خدمتن پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جنگ جي قيمت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معاشي اثر برداشت ڪيا آهن، ان لاءِ پاڪستان هميشه امن جو جهنڊو بلند ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هي صرف هڪ اخلاقي ضرورت ناهي پر معاشي استحڪام ۽ واپاري سرگرمين سميت خطي ۾ استحڪام لاءِ امن جي ضرورت آهي، ان سان سيڙپڪاري اچي ٿي، نوجوانن کي روزگار ملي ٿو ۽ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿئي ٿو. هن چيو ته قومون صرف هٿيارن جي طاقت سان عظيم ناهن بڻجنديون پر هو ان وقت عظيم بڻجن ٿيون جڏهن هو پنهنجي عوام، پنهنجي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪن ٿيون، پورهيتن کي عزت ۽ غريبن کي سهارو ڏين ٿيون، اڄ جڏهن دنيا امن طرف وڌي رهي آهي، اهڙيءَ طرح پاڪستان کي ترقي طرف قدم وڌائڻو پوندو، ان ئي جذبي ۽ ان ئي مقصد سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته امن جي حوالي سان ڪيل ڪاوشن باوجود اڃا مڪمل امن ناهي ٿيو، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن جي ڪوششن باوجود اهڙيون ڌُريون موجود آهن، جيڪي امن کي نقصان پهچائڻ ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اولهه سرحد تي افغانستان بابت سيڪيورٽي چئلينجز اڃا به اسان آڏو آهن، اوڀر سرحد تي ڀارت طرفان آپريشن سندور ٽو جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. پرڏيهي قوتون دهشتگرديءَ کي سپورٽ ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيون آهن. هن چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته پاڪستان انهن چئلينجز جو جواب سياسي اتفاق راءِ ۽ جمهوري روايتن ذريعي ڏنو آهي، وفاقي حڪومت ۽ صوبن گڏجي اهو فيصلو ڪيو آهي ته دفاع ۽ قومي سلامتيءَ بابت غير معمولي ضرورتن جو بار ڏُکئي وقت ۾ گڏجي کنيو ويندو. هي فيصلو ڪنهن غير آئيني طريقي سان نه پر آئين جي دائري ۾ رهندي آئين جي آرٽيڪل 164 تحت ڪيو ويو آهي، جيڪو وفاق ۽ صوبن کي اهو اختيار ڏنو آهي ته هو اهڙي ڪنهن صورتحال ۾ هڪٻئي سان مالي سهڪار ڪري سگهن ٿا ۽ ان آئين جي آرٽيڪل تحت صوبا وفاق کي گرانٽ ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته جڏهن موجوده بجيٽ ۾ صوبن طرفان هي فيصلو ڪيو ويو ته اسان جي ميڊيا اهي افواهون ڦهلايون ته 18هين ترميم کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ترميم ذريعي صوبن جي مالي وسيلن کي جيڪو آئيني تحفظ ڏنو ويو هو اهو ختم ڪيو پيو وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪيو پيو وڃي، اهي افواهون هيون، مان وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان، اسان سياسي اتفاق راءِ سان ان مسئلي جو آئيني ۽ جمهوري حل ڪڍيو ۽ اسان ٻين صوبن سان گڏجي اهو طئي ڪيو ته سنڌ صوبي وانگر قومي دفاع لاءِ پنهنجو حصو وجهنداسين. گڏوگڏ وفاقي حڪومت اها خاطري ڪرائي آهي ته صوبي جي ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت کين ملندڙ وسيلن کي محفوظ رکيو ويو آهي ۽ کين ڪو نقصان نه پهچايو ويندو. وفاق کي ڏني ويندڙ اها گرانٽ 3 سالن جي انتظامن تحت آهي، ان کان علاوه وفاقي حڪومت صوبي کان وڌيڪ ڪنهن گرانٽ جي درخواست نه ڪندي. هن چيو ته اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته صوبي جو اين ايف سي ۾ حصو محفوظ آهي ۽ ان فيصلي سان وڌيڪ ڪنهن قرباني جي گُهر نه ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي صرف مالي انتظام ناهي پر پاڪستان جي سياست جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي ته جڏهن قومي وقار داءُ تي هجي ته جمهوري ادارا، سياسي پارٽيون ۽ فيڊريشن جا سمورا حصا گڏجي فيصلو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اڄ دنيا ۾ قومن کي طاقت يا هٿيارن جي زور تي نه پر آئين تحت قدمن سان طاقت ملي ٿي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش وسيلن، خطرن ۽ چئلينجز کان به ان ئي قومي ۽ سياسي اتفاق راءِ سان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي، اسان گڏجي مسئلن جو مقابلو ڪريون ته پاڪستان هر ڏُکيائيءَ کي مُنهن ڏئي سگهي ٿو ۽ ان جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن جي وڏي ذميداري آهي، جيستائين 18هين ترميم جو تعلق آهي، اهي حڪومت جي تاريخي ۽ آئيني ڪاميابيون هيون. 2008ع کان 2013ع تائين جي پ پ پ جي حڪومت ۾ ٻوڏ آئي ته ان وقت اسان عارضي طور تي ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي متعارف ڪرائي ان جو مقصد مالي انتظام ڪرڻ هو ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري سگهون. اها پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي ڀڃڪڙي آهي، ان سان جمع ٿيندڙ رقم صوبن کي به ملڻ گهرجي. اها پيٽروليم ليوي اڄ تائين جمع ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صوبن کي ان ۾ حصو نه پيو ڏنو وڃي، انهن کي پنهنجن وسيلن ۽ حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته ان کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي حڪومتن آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ قرباني ڏني، هر سال صوبائي حڪومتن کان اها گهر ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجو بجيٽ سرپلس ڏيکارين. هن چيو ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ پنهنجي حصي جي قرباني ڏني آهي، هن سال هُن 900 ارب رپيا سرپلس ڏيکاريو آهي، اهي پئسا پنجاب صوبي جو حق آهن، اهي ملتان، ڊي جي خان سميت ٻين پُٺتي پيل علائقن ۾ خرچ ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته قومي مفاد لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪرڻ جي غرض سان صوبائي حڪومت اها قرباني ڏني، سنڌ صوبي گذريل سال 300 ارب رپيا ۽ هن سال 400 ارب رپين جي قرباني ڏني، جيڪا لياري ۽ ڪورنگي سميت ٻين پُٺتي پيل علائقن تي خرچ ٿي رهي هئي، اهڙيءَ طرح ڪي پي ڪي به سرپلس بجيٽ ڏيکاريو، اها رقم قبائلي علائقن تي خرچ ڪري سگهبي هئي. هن چيو ته جهڙيءَ طرح سان انهن ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن دهشتگردي خلاف قربانيون ڏنيون آهن انهن خلاف جيترا ترقياتي بجيٽ وقف ڪرڻا هئا صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ان ۾ ناڪام رهي آهي، اسان پنهنجا واعدا پوري نه ڪري سگهياسين. موجوده بجيٽ ۾ به اسان ان ۾ ناڪام رهيا آهيون، قبائلي علائقن کي ٽيڪس ۾ جيڪو رليف ڏنو پئي ويو اهو به 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان جون معاشي حالتون به سڀني آڏو آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جو ڳٺجوڙ افغانستان ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگرديءَ ذريعي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، اهڙي ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي سمورين اڪائين قربانيون ڏنيون، ڪي پي ڪي ۾ مخالف ڌر جي حڪومت آهي جڏهن ته هنن به پنهنجو سياسي اختلاف کي هڪ طرف رکي قومي مفاد ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ان کي ساراهيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته قومي مفاد تي ڪو سمجهوتو ناهي، جيڪڏهن اهڙيءَ طرح سان اسان اڳتي وڌياسين ته ڪو اهڙو مسئلو ناهي جنهن جو اسان مقابلو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي اؤسر تي ٻَڌل اقتصادي پاليسيون متعارف ڪرائين ته جيئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ۽ پنهنجون سموريون ترقياتي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام آهي، ان تي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جون رپورٽس موجود آهن، سڄي دنيا ان کي هڪ ڪامياب منصوبو سمجهي ٿي ان سان پُٺتي پيل طبقي کي مالي معاونت ۽ معاشي طور تي سپورٽ ڪيو پيو وڃي، ان جي بجيٽ ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هو ناڻي واري وزير ۽ خاص طور تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهي ته انهن اسان جي مخالفت ۾ ڳالهيون ٿيڻ بدران ان جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي، هي غريبن جي ڏُکئي وقت جو سهارو آهي. هن چيو ته ان سان غريب، يتيم ۽ بيواهن جي ڪفالت ڪئي پئي وڃي جيڪا اسان جي ديني ۽ اخلاقي ذميداري آهي، ان رقم سان هو پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪن ٿا، هي قومي سلامتيءَ جو پروگرام آهي، پاڪستان کي هن وقت دهشتگردي ۽ پرڏيهي مداخلت جو مقابلو آهي، ان سان گڏوگڏ انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسند تنظيمن سان مقابلو آهي ۽ ان پويان پرڏيهي هٿ آهن، دنيا جون طاقتون ۽ سرمايو انهن جي پويان آهي. هن چيو ته دنيا کي ڄاڻ آهي ته ڪنهن به پرڏيهي مداخلت جو مقابلو صرف هٿيارن سان نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ اصل طاقت قومي يڪجهتي ۽ عوام جو اعتماد آهي. اهڙين حالتن ۾ شهري انهن سان گڏ بيهن ٿا، ان سان ئي ملڪ مستحڪم ٿئي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چي ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن کي جيستائين ترقي نه ملندي ملڪي معيشٽ ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ امير امير تر جڏهن ته غريب غريب ٿيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان جي زراعت ترقي ڪندي ته ملڪ ترقي ڪندو. پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جو مطلب هي آهي ته هتي نوجوانن کي روزگار ملي، اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي معاشي ترقيءَ جو فائدو پاڪستان جي عوام تائين پهچائڻو آهي، پُٺتي پيل علائقن کي رليف پهچائڻُ آهي ته مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ترقي ڪندو ۽ خوشحال ٿيندو. هن چيو ته گوادر ترقي جو ڏاڪو آهي، سي پيڪ تحت اسان لاهور ۾ اورينج ٽرين، بجلي جا منصوبا لڳايا، ان ۾ هاڻ ايسٽرن روٽ شامل ڪيو ويو آهي، ان سان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي دهشتگرديءَ سبب متاثر پُٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ٿيندي ۽ کين معاشي فائدو ملندو. هن چيو ته پاڪستان هن وقت قرض تي هلي رهيو آهي، قرض ادا ڪرڻ لاءِ به وڌيڪ قرض وٺجن ٿا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جهڙيءَ طرح عام چونڊن ۾ پ پ تي اعتماد ڪيو انهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، گلگت بلتستان کي نالو ۽ اختيار پ پ ڏنا، اهي سڀ کان وڌيڪ محبِ وطن ماڻهو آهن، جنهن پاڻ آزادي حاصل وٺي چيو ته اهي ان کي پاڪستان جو حصو بڻائڻ چاهين ٿا، اسان اُتان ايف سي آر جو خاتمو ڪيو، کين سياسي حق بينظير ڀٽو ڏنا. صدر آصف علي زرداري کين سُڃاڻپ ڏني، مان گلگت بلتستان جي عوام سان واعدو ڪيو آهي ته سندن حاڪميت ۽ ملڪيتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، ان لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته پ پ جو بنياد ڪشمير مسئلي تي رکيو ويو. هن آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ سيٽن جي حوالي سان پنهنجي پارٽيءَ جو مؤقف ڏيندي چيو ته ايڪشن ڪميٽي قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي قانون جي حوالي ڪري احتجاج ختم ڪري، پوءِ انهن خلاف ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. معاهدي ۾ رهيل نُڪتن تي عملدرآمد لاءِ پڻ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان لاءِ سياسي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته جيستائين ڪشميرين کي استصواب راءِ نٿو ملي اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان کي ڪهڙيءَ طرح کڻي هلڻو آهي، اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن کين اهو محسوس ٿئي ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن ٿا. اسان کي اهڙو اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ نه پناهگيرن جي نمائندگي ۽ ووٽ جي حق تي سمجهوتو هجي ۽ نه ئي احتجاج ڪندڙن جا خدشا نظرانداز ڪيا وڃن. اسان جي تجويز اها آهي ته جهڙيءَ طرح عورتن، اوورسيز پاڪستانين ۽ ٽيڪنو ڪريٽ لاءِ خاص سيٽون موجود آهن، اهڙيءَ طرح پناهگيرن جي نمائندگيءَ کي به مؤثر ۽ يقيني بڻايو وڃي. هي هڪ اهم مسئلو آهي جنهن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي پر ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ان تڪرار سبب ڪو جاني نقصان ٿئي. هن چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪندڙن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو ڪشمير مسئلي ۽ ڪشمير جي ساک کي نقصان کان بچائين. اسان آزاد ڪشمير کي آزاد ۽ پُرامن ڏسڻ چاهيون ٿا. ان مقصد لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌُريون گڏجي ويهن، ڳالهيون ڪن ۽ هڪ پُرامن ۽ قبولڻ جوڳو حل تلاش ڪن. هن چيو ته مودي جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون، هو پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مودي جي اها ڀُل آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوري قوم تيار آهي، جيڪڏهن مودي پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ تي رڌل آهي ته پاڪستان جنگ لاءِ تيار آهي، پاڪستان جو ٻچو ٻچو ان لاءِ تيار آهي.










