ايران بابت تازي سفارتي اڳڀرائي پوري دنيا لاءِ هاڪاري ثابت ٿيندي، عالمي معيشت کي درپيش ڏُکيائين ۾ بهتري جي اميد آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ايران بابت تازي سفارتي اڳڀرائي نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ هاڪاري ثابت ٿيندي، جنهن سان جنگ جي خطرن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عالمي معيشت کي درپيش ڏُکيائين ۾ پڻ بهتريءَ جي اميد آهي. خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايران پاڪستان جو پاڙيسري ۽ ڀائر مسلمان ملڪ …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ايران بابت تازي سفارتي اڳڀرائي نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ هاڪاري ثابت ٿيندي، جنهن سان جنگ جي خطرن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عالمي معيشت کي درپيش ڏُکيائين ۾ پڻ بهتريءَ جي اميد آهي. خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايران پاڪستان جو پاڙيسري ۽ ڀائر مسلمان ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جا پُراڻا ناتا آهن. هن چيو ته ايران تي لاڳو پابندين جي خاتمي ۽ عالمي اقتصادي ڌارا ۾ شموليت سان پاڪستان کي توانائي، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان فائدو حاصل ٿيندو، جنهن جو سڌيءَ ريت اثر عام شهريءَ تائين پهچندو. طلال چوڌري چيو ته پاڪستان جي تازي سفارتي ڪاميابين کي عوامي ڀلائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ان جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچي سگهن. پرڏيهي وزير جي تبديليءَ بابت گردش ڪندڙ خبرن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اهڙيون خبرون ڦهلائيندڙن کي پنهنجي ذريعن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهي خبرون بي بنياد آهن ۽ ويجهي مستقبل ۾ ان جي درست ثابت ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي. هن آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ماضيءَ ۾ ٿيل معاهدي جي 38 مان 37 نُڪتن تي عملدرآمد ڪيو جڏهن ته هڪ نُڪتي کي بنياد بڻائي غير ضروري انتشار ڦهلايو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڌُريون ڪشميري عوام جي حقن جي نالي تي پنهنجا خاص مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون جن جي ڪردار جي جاچ جاري آهي. طلال چوڌري چيو ته پاڪستان کي اهڙي ڌُر کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا دشمن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هن زور ڀريو ته ڪشمير بابت سمورا فيصلا جمهوري ۽ آئيني طريقيڪار تحت هئڻ گهرجن ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي مفادن کي مقدم رکڻ گهرجي.

مزید خبریں