اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيح جي آجيان ڪندي ان کي هڪ تاريخي سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي واڌ ممڪن ٿي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …
آمريڪا ايران معاهدو دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ۽ تعميري ڪوششن جو عملي ثبوت آهي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيح جي آجيان ڪندي ان کي هڪ تاريخي سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي واڌ ممڪن ٿي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اسلام آباد مفاهتمي يادداشت جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ ۽ صحيح تي مبارڪون پيش ڪيون. اسپيڪر، وزيراعظم کي ٽياڪڙي طور اسلام آباد مفاهتمي يادداشت جي ڪامياب سهولتڪاري ۽ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي خاص مبارڪون ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي مدبراڻي قيادت، ڏور رس سفارتڪاري ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پُختي عزم پاڪستان کي تڪرارن جي پُرامن حل ۽ امن جي قيام جي حوالي سان هڪ معتبر ۽ اعتماد جوڳي ملڪ طور تي عالمي سطح تي وڌيڪ نمايان ڪيو آهي. هن چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بصيرت اڳواڻي ۽ لاڳاپيل ڌُرين وچ ۾ مفاهمت ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ سندن قدرن واري ڪردار کي پڻ ساراهيو. اسپيڪر آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت، دانشمنداڻي طرزِ عمل ۽ تعميري سفارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندن عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي، صدر مسعود پزشڪيان ۽ اسلامي مشاورتي اسيمبليءَ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي حڪمت، سهڪار ۽ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندن ڪاوشن کي پڻ ساراهيو. اسپيڪر چي ته اسلام آباد مفاهتمي يادداشت جي نتيجي ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ممڪن ٿيو آهي ۽ آبناءِ هرمز کي عالمي واپار ۽ اقتصادي سرگرمين لاءِ ٻيهر کوليو ويو آهي. هن چيو ته هي معاهدو اهڙي بحران جي خاتمي طرف هڪ قدم آهي، جنهن نه صرف خطي پر پوري دنيا ۾ سماجي ۽ معاشي چئلينجز کي جنم ڏنو، عالمي واپاري رستن کي متاثر ڪيو، توانائي کي عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي ۽ عالمي استحڪام کي خطرن ۾ وڌو. اسپيڪر اسلام آباد مفاهتمي يادداشت کي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي هڪ تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته هي معاهدو پائيدار ۽ جٽادار امن، علائقائي استحڪام، معاشي بحالي ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو مضبوط بنياد فراهم ڪندو. هن چيو ته ان اڳڀرائيءَ سان ثابت ٿيو آهي ته ڳالهيون، سفارتڪاري ۽ گڏيل احترام ذريعي تڪرارن جو حل ۽ ڇڪتاڻ جو خاتمو ممڪن آهي. اسپيڪر چيو ته اسلام آباد مفاهتمي يادداشت ۾ پاڪستان جي ڪامياب ٽياڪڙي ملڪ جي ان پُراڻي مؤقف جي عڪاسي آهي، جنهن تحت پاڪستان هميشه تڪرارن جي پُرامن حل، قومن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ علائقائي ۽ عالمي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جو داعي رهيو آهي. هن چيو ته ان تاريخي سفارتي ڪاميابي عالمي برادريءَ ۾ پاڪستان جي وقار، ساک ۽ اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. اسپيڪر ڀائر ملڪن سعودي عرب، ترڪيه، قطر ۽ مصر جي قيادت ۽ حڪومتن کي سفارتي معاونت ۽ تعمير ڪردار کي ساراهيندي چيو ته انهن ملڪن جي ڪوششن ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ڌُرين کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.











