وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جو ٽيليفونڪ رابطو، وزيراعظم پاران تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي مبارڪباد

اسلام آباد - 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان، ايراني قيادت ۽ ايران جي ڀائر عوام کي تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو تاريخي معاهدو نه رڳو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو پر ايراني قوم جي نئين سر تعمير ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن …

اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان، ايراني قيادت ۽ ايران جي ڀائر عوام کي تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو تاريخي معاهدو نه رڳو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو پر ايراني قوم جي نئين سر تعمير ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب پڻ بڻجندو جڏهن ته ايراني صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثالثي جي عمل کي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچائڻ جي لاءِ انتهائي اهم ڪردار کي ساراهيندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مثبت، تعميري ۽ مخلصاڻي حمايت کي ايران سدائين ياد رکندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان خميس ڏينهن ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه 30 منٽن کان وڌيڪ جاري رهي. اسلام آباد امن معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ هي پهريون رابطو هو. وزيراعظم صدر پزشڪيان، ايراني قيادت ۽ ايران جي ڀائر عوام کي تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اهو تاريخي معاهدو نه رڳو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ايراني قوم جي نئين سر تعمير ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب پڻ بڻجندو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبى حسيني خامنه اي جي لاءِ پڻ پنهنجي شاندار احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم امن معاهدي تي صحيحن جي ايراني فيصلي کي ساراهيندي ڳالهه ٻولهه جي اڳئين مرحلي جي لاءِ ايراني قيادت جي ڪاميابي جي دعا ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هڪ ڀائر ۽ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان هر شعبي ۾ ايران جي مڪمل حمايت جاري رکندو. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ايراني قوم ۽ پنهنجي پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا خصوصي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته ٻنهي شخصيتن انتهائي مهارت، اخلاص ۽ دانشمندي سان ثالثي جي عمل کي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ايراني سدائين قدر جي نگاهه سان ڏسندو. هن وڌيڪ چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مثبت، تعميري ۽ مخلصاڻي حمايت کي ايران سدائين ياد رکندو. صدر پزشڪيان پاڪستاني عوام جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ايران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل سهولت موجب جلد کان جلد هڪ ٻئي جي گادي وارن شهرن جا دورا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن ۾ موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي. هنن ايندڙ ڏينهن ۾ به مسلسل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں