اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايران ۽ آمريڪا جي صدرن طرفان امن معاهدي جي يادداشت تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن تي دٻاءُ گهٽ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچو تيل وڌيڪ سستو ٿي ويو. انگن اکرن موجب آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت 74 ڊالر في بيرل تائين ڪِري پئي آهي …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايران ۽ آمريڪا جي صدرن طرفان امن معاهدي جي يادداشت تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن تي دٻاءُ گهٽ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچو تيل وڌيڪ سستو ٿي ويو. انگن اکرن موجب آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت 74 ڊالر في بيرل تائين ڪِري پئي آهي جڏهن ته برطانوي برينٽ خام تيل 77 ڊالر في بيرل تي وِڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح يو اي اي جو مربن خام تيل به 74 ڊالر في بيرل جي سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ٻي طرف جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين ايشيائي مالياتي مارڪيٽن ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سبب مختلف اسٽاڪ انڊيڪس ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ماهرن موجب عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جا اثر پاڪستان تي پڻ جڙي سگهن ٿا، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان برقرار رهيو ته ان سان پاڪستان جي آمدني واپاري بل ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ۽ مجموعي اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري اچڻ جي اميد آهي.












