پاڪستاني واپارين لاءِ وڏي خوشخبري، تفتان بارڊر تي پاڪ- ايران واپاري ويزا بحال

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) تفتان بارڊر تي اٽڪل هڪ سال کانپوءِ پاڪستاني واپارين لاءِ واپاري ويزا سهولت ٻيهر فعال ڪئي وئي، بلوچستان جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کان پوءِ پاڪ - ايران سرحدي واپار جو نئون سفر شروع ٿي ويو. ويزا بحاليءَ سان پاڪ - ايران واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڊگهي انتظار جي ختم ٿيڻ تي واپارين، واپاري ويزا …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) تفتان بارڊر تي اٽڪل هڪ سال کانپوءِ پاڪستاني واپارين لاءِ واپاري ويزا سهولت ٻيهر فعال ڪئي وئي، بلوچستان جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کان پوءِ پاڪ – ايران سرحدي واپار جو نئون سفر شروع ٿي ويو. ويزا بحاليءَ سان پاڪ – ايران واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڊگهي انتظار جي ختم ٿيڻ تي واپارين، واپاري ويزا بحالي جي فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪئي. مقامي واپارين ويزا بحاليءَ کي معيشت ۽ روزگار لاءِ وڏو هاڪاري قدم قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں