اسلام آباد/برسلز-18 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي پاڪستان ناقابل قبول سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻي هڪ قدرتي وسيلو نه پر ڪروڙين انسانن جي روزگار، خوراڪ، زراعت، معيشت ۽ قومي سلامتي سان سڌيءَ ريت واڳيل آهي. وفاقي وزير يورپ جي ناليواري پاليسي اداري سينٽر فار يورپين …
پاڻيءَ کي هٿيار بڻائڻ قبول جوڳو ناهي، عالمي آبي انصاف وقت جي اهم ضرورت آهي: مصدق ملڪ
اسلام آباد/برسلز-18 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي پاڪستان ناقابل قبول سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻي هڪ قدرتي وسيلو نه پر ڪروڙين انسانن جي روزگار، خوراڪ، زراعت، معيشت ۽ قومي سلامتي سان سڌيءَ ريت واڳيل آهي. وفاقي وزير يورپ جي ناليواري پاليسي اداري سينٽر فار يورپين پاليسي اسٽيڊيز (سي اي پي ايس) جي دعوت تي برسلز پهچي ويو، جتي هو خميس ڏينهن ٿيل عالمي ڪانفرنس ”سرحد پار آبي وسيلا: هڪ هٿيار بڻايل عالمي گڏيل وسيلا“ ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جو بندوبست يورپي پاليسي مرڪز مطالعات ۽ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي سهڪار سان ڪيو پيو وڃي. ڪانفرنس ۾ يورپي پارليامينٽ جا ميمبر، عالمي قانون جا ماهر، سفارتڪار، پاليسي ساز، ماحوليات جا ماهر ۽ آبي وسيلن جي شعبي سان واڳيل شخصيتون شرڪت ڪنديون. ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلي، عالمي آبي سلامتي، سرحد پار آبي وسيلن، سنڌ طاس معاهدي ۽ عالمي قانونن جي روشنيءَ ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.












