حيدرآباد ۾ قاسم آباد ۾ پوليس چؤڪي ۾ 15 سالن جي نينگر سان بدفعلي ۽ غير انساني سلوڪ واري واقعي جو ڪيس داخل، ملوث ٻئي پوليس اهلڪار گرفتار

حيدرآباد- 18 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ پوليس چؤڪي ۾ 15 سالن جي نينگر سان بدفعلي ۽ غير انساني سلوڪ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب اربع ڏينهن قاسم آباد ٿاڻي جي چؤڪي سحرش نگر جي انچارج اي ايس آءِ وارث شيخ ۽ ڪانسٽيبل مقبول پاران 15 سالن جي نينگر  عمران …

حيدرآباد- 18 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ پوليس چؤڪي ۾ 15 سالن جي نينگر سان بدفعلي ۽ غير انساني سلوڪ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب اربع ڏينهن قاسم آباد ٿاڻي جي چؤڪي سحرش نگر جي انچارج اي ايس آءِ وارث شيخ ۽ ڪانسٽيبل مقبول پاران 15 سالن جي نينگر  عمران ولد پيار علي چانڊيو سان مبينا بدفعلي ۽ غير انساني سلوڪ جو واقعو پيش آيو. ايس ايس پي حيدرآباد پاران ڊي ايس پي ڪينٽ پارس بکراڻي، جيڪا وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن ۽ جينڊر بيسڊ وائلينس جي معاملن جي سپروائيزري ذميواريون نڀائي رهي آهي، کي واقعي جي انڪوائري ۽ قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا. پوليس پاران فوري طور تي متاثر ڇوڪري جو طبي معائنو (ميڊيڪل ليٽر) جاري ڪيو ويو. ايس ايڇ او قاسم آباد انسپيڪٽر سعيد چنا ابتدائي جاچ کانپوءِ متاثر ڇوڪري جي ناني جي مدعيت ۾ ڪيس ڪرائيم نمبر 299/2026 تحت قلم 377 ۽ 511 تعزيراتِ پاڪستان جي تحت داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي نامزد اي ايس آءِ وارث شيخ ۽ پوليس ڪانسٽيبل مقبول احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد واقعي ۾ ملوث ٻنهي پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي معطل ڪري وڌيڪ شفاف جاچ لاءِ انڪوائري جا پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي روشني ۾ ملوث اهلڪارن خلاف کاتيدار (محڪماتي) ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. ايس ايس پي حيدرآباد واضح ڪيو آهي ته پوليس کاتي ۾ اهڙن عنصرن جي ڪا به گنجائش ناهي جيڪي اداري جي ساک کي نقصان پهچائين. هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي اولين ذميواري آهي.

مزید خبریں