سمورا لاڳاپيل عملدار محرم الحرام دوران ضروري قدم کڻي عزادارن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائين: چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو - 18 جون (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري ميونسپل ڪميٽي رتوديرو، نئون ديرو جي چيئرمين ۽ سي ايم اوز، ٽائون ڪميٽيز ڳيريلو، ڏوڪري ۽ باڊهه جي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسرن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلز جي چيئرمينز کي هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جو احترام ڪندي پنهنجي پنهنجي حدن اندر ضروري قدم کڻي عزادارن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني …

لاڙڪاڻو – 18 جون (اي پي پي) ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري ميونسپل ڪميٽي رتوديرو، نئون ديرو جي چيئرمين ۽ سي ايم اوز، ٽائون ڪميٽيز ڳيريلو، ڏوڪري ۽ باڊهه جي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسرن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلز جي چيئرمينز کي هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جو احترام ڪندي پنهنجي پنهنجي حدن اندر ضروري قدم کڻي عزادارن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ محرم جي جلوسن ۽ مجلسن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکي وڃي. عوام کي سهولتون پهچائڻ لاءِ بهتر انتظام ڪيا وڃن. صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ جو بندوبست ڪيو وڃي. سبيلن لاءِ ڪئمپون لڳايون وڃن. پوليس ۽ صحت کاتي سميت سمورا ادارا هڪٻئي سان مڪمل سهڪار ڪن. هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي موقعي تي حساس ۽ ضروري هنڌن تي ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي طبي عملي، دوائن، ايمبولنسز، فرسٽ ايڊ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ته جيئن هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي عوام کي طبي امداد ملي سگهي.