نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۽ …

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۽ ثالثي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي مدد ڌرين جي وچ ۾ تازي مفاهمت تائين پهچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جمعي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن ۾ ڌرين جي وچ ۾ ايندڙ ملاقات تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں