سنڌ جي گورنر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اهميت جي معاملن، پارلياماني معاملن ۽ سنڌ جي ترقي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر، نهال هاشمي کي گورنر جوعهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اثرائتن رابطن …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اهميت جي معاملن، پارلياماني معاملن ۽ سنڌ جي ترقي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر، نهال هاشمي کي گورنر جوعهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اثرائتن رابطن ۽ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. گورنر ايوان جي ڪارروائي غير جانبدار انداز ۾ هلائڻ تي اسپيڪر کي ساراهيو. ملاقات ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ پارلياماني روايتن جي فروغ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي ۽ عبدالقادر پٽيل به موجود هئا.

مزید خبریں