ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران ضروري شين جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت اجلاس ٿي گذريو

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران ضروري شين جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت هڪ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس م منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي ميمبرن، واپاري برادري جي نمائندن، مارڪيٽ اسٽيڪ هولڊرز ۽ ضلعي انتظاميا جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران روزانو استعمال جي شين ۽ خوراڪ جي ضروري …

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران ضروري شين جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت هڪ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس م منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي ميمبرن، واپاري برادري جي نمائندن، مارڪيٽ اسٽيڪ هولڊرز ۽ ضلعي انتظاميا جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران روزانو استعمال جي شين ۽ خوراڪ جي ضروري شين جي مناسب اگهن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته ضلعي انتظاميا عوام کي ناجائز منافعي خوري ۽ مقرر اگهن کان وڌيڪ وصولي کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽن جي موثر نگراني ڪئي وڃي ۽ سرڪاري اگهن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيره اندوزي ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ اگهن ۾ استحڪام ضلعي انتظاميا جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. ڊپٽي ڪمشنر واپاري برادري تي زور ڀريو ته هو انتظاميا سان ڀرپور سهڪار ڪري ۽ محرم الحرام جي مقدس مهيني دوران شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري. اجلاس جي پڄاڻي تي ضروري شين جي اگهن ۾ استحڪام برقرار رکڻ، صارفين جي مفادن جي تحفظ ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں