لاڙڪاڻي ڊويزن اندر محروم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ نگراني ڪرڻ لاءِ ڪمشنر آفيس ۾ ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن اندر محروم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ نگراني ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس ۾ ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ”ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول رومز“ سان رابطا ڪري صوبائي حڪومت کي آگاهي ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ ڪنٽرول …

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن اندر محروم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ نگراني ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس ۾ ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ”ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول رومز“ سان رابطا ڪري صوبائي حڪومت کي آگاهي ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ ڪنٽرول روم جي فون نمبرن 9410295 ۽ 9410294- 074 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اهو ڪنٽرول روم پهرين محرم الحرام کان 11 محرم تائين 24 ڪلاڪ کليل هوندو. لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، لوڪل ڪائونسلز ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڊويزنل ڪنٽرول روم سان رابطي ۾ رهن.

مزید خبریں