اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته گورننس جي بهتر نظام سان ماڻهن جا مسئلا سندن درن جي چانئٺ تي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ضروري آهي، اين ايف سي ۾ آبادي جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ جي شرح 50 سيڪڙو رکي وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي …
اين ايف سي ۾ آبادي جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ جي شرح 50 سيڪڙو رکي وڃي: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته گورننس جي بهتر نظام سان ماڻهن جا مسئلا سندن درن جي چانئٺ تي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ضروري آهي، اين ايف سي ۾ آبادي جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ جي شرح 50 سيڪڙو رکي وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي آبادي 26 ڪروڙ آهي ۽ هر سال 6.7 ملين ماڻهو آبادي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته 2030ع تائين اسان دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان پنجين وڏي ملڪ مان چوٿين وڏي ملڪ جي نمبر تي اچي وينداسين، هر سال 11 هزار مائرون ويم دوران پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون، 40 سيڪڙو ٻار ناقص غذائيت جو شڪار آهن، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اسان کي 66 هزار اسڪولن ۽ 6 لک کان وڌيڪ استادن جي ضرورت آهي، اسان کي 3600 نوان پرائمري اسپتال ۽ 2 ڪروڙ نوان گهر گهرجن، جيڪڏهن ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته اسان جا مسئلا وڌي ويندا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي دولت جي ورڇ واري فارمولي تي ڀاڙڻ 82 سيڪڙو آبادي تي رکيو ويو آهي، ان بنياد تي جيڪڏهن بلوچستان کي پنجاب جيترا فنڊز گهرجن ته ان کي پنهنجي آبادي پنجاب جيتري ڪرڻ گهرجي، اها ان نظام جي وڏي ڪمزوري آهي. منهنجي گذارش آهي ته ان مسئلي کي حل ٿيڻ گهرجي، اين ايف سي تحت وسيلن جي ورڇ جو فارمولو 50 سيڪڙو آبادي جي بنياد تي رکڻ گهرجي. هن چيو ته حمل وارين دوائن تي ٽيڪس جو خاتمو سٺو سنئوڻ اهي، ان سان 1.5 ملين ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽتائي ايندي. نيشنل پاپوليشن اسٽيبلائيزيشن لاءِ روڊ ميپ بڻايو ويو آهي جنهن تي اسان ناڻي وزارت جا شڪرگذار آهيون. هن چيو ته گورننس جي نظام ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي، بهتر نظام سان ماڻهن جا مسئلا انهن جي دروازن جي چانئٺ تي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ورهاست جوڳي محصول مان 8848 ارب صوبن ڏانهن وڃن ٿا، صوبن اندر ضلعن سان انهن وسيلن جي فراهمي جو طريقيڪار ناهي، ان لاءِ هڪ فعال ۽ موثر مڪاني نظام جي ضرورت آهي. جي ايس ٽي تحت صوبن وٽ ويندڙ فنڊز آئيني طور تي ضلعن ڏانهن وڃن گهرجن پر ان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. اسان جي پارٽي وسيلن جي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئيني ترميم پيش ڪئي آهي ان تي غور ويچار ڪيو وڃي. هن چيو ته سکر – حيدرآباد موٽر وي کي ڪراچي تائين وڌايو وڃي، ڪي-فور منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته امن معاهدي ۾ پاڪستان جو وڏو ڪردار رهيو آهي، ڀارت خلاف جنگ ۾ فتح کان پوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ٽين عالمي جنگ روڪي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.











