گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران اٽڪ ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اٽڪ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف انتهائي ڪامياب ڪارروائي تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پنجاب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ آپريشن دوران 5 خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ وقت سر ڪارروائي جي تعريف ڪئي. گهرو وزير چيو ته سي …

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اٽڪ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف انتهائي ڪامياب ڪارروائي تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پنجاب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ آپريشن دوران 5 خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ وقت سر ڪارروائي جي تعريف ڪئي. گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر سپوتن ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن دوران خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پوري قوم سي ٽي ڊي جي انهن غازين ۽ بهادر جوانن تي فخر ڪري رهي آهي جيڪي پنهنجون حياتيون داءُ تي لڳائي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الخوارج خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي برقرار رهندي ۽ ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.