لاڙڪاڻو جي عدالت پاران ڦُر ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي 16 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاڙڪاڻو-16 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي 16 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي پنجين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ سال 2024ع دوران ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي …

لاڙڪاڻو-16 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي 16 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي پنجين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ سال 2024ع دوران ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت 6 جوابدارن نصرالله جاگيراڻي، چنيسر جاگيراڻي، عثمان جاگيراڻي، احمد جاگيراڻي، گل محمد ۽ ممتاز علي جاگيراڻي کي 16 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضع رهي ته سال 2024ع دوران ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي ڪرياني جي دڪاندار سيد عبدالغفور شاهه طرفان نصرالله جاگيراڻي، چنيسر جاگيراڻي، عثمان جاگيراڻي، احمد جاگيراڻي، گل محمد ۽ ممتاز علي جاگيراڻي ۽ 3 اڻڄاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدارن سندس ڪرياني جي دڪان تي چڙهائي ڪري هٿيار تاڻي گهر مان 2 لک روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور، ڪپڙا سميت ٻيو قيمتي سامان جي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا آهن. ٻئي طرف سزا بعد پوليس سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں