اسلام آباد - 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن ميان عالم داد لاليڪا، ارم حامد حميد، شيخ آفتاب احمد، محمد خان ڊاها، انوارالحق، چوڌري شهباز بابر، سردار شمشير مزاري ۽ دانيال احمد جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انهن ملاقاتن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن مالي سال 27 – 2026ع جي عوام دوست بجيٽ پيش …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن ميان عالم داد لاليڪا، ارم حامد حميد، شيخ آفتاب احمد، محمد خان ڊاها، انوارالحق، چوڌري شهباز بابر، سردار شمشير مزاري ۽ دانيال احمد جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انهن ملاقاتن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن مالي سال 27 – 2026ع جي عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ پاڪستان جي موثر سفارتي ڪردار تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحى برڪيءَ پڻ موجود هئا.











