اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ايران آمريڪا امن معاهدي تي ايراني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ايران آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته معاهدو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل اعتماد کي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ايران جي سفير جي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات، پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عسڪري قيادت کي ايران آمريڪا امن معاهدي لاءِ ڪامياب سفارتڪاري تي مبارڪون ڏنيون

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ايران آمريڪا امن معاهدي تي ايراني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ايران آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته معاهدو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺائڻ طرف اهم اڳڀرائي ۽ همٿائيندڙ قدم آهي. ايران آمريڪا امن معاهدو عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ايراني سفير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي لاءِ پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ سفارتي قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عسڪري قيادت کي ايران آمريڪا امن معاهدي لاءِ ڪامياب سفارتڪاري تي مبارڪون ڏنيون. ايران جي سفير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ۽ امن معاهدي جي حاصلات ۾ پاڪستان جي سياسي، پارلياماني، سفارتي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.









