اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ واضح طور معاشي رخ جو تعين ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت بحالي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، معاشي اوسر ۾ تيزي ۽ مهانگائي …
پاڪستان جي معيشت بحالي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ واضح طور معاشي رخ جو تعين ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت بحالي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، معاشي اوسر ۾ تيزي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته مالياتي شعبي جي حوالي سان پاڪستان جي صورتحال همٿائيندڙ آهي، مالياتي خسارو تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي اچي چڪو آهي ۽ اسان بنيادي سرپلس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي لحاظ کان پاڪستان وٽ گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن جي آمدني واپار جي برابر ذخيرا موجود آهن. آخرڪار اسان کي روانگي واپار تي ٻڌل معاشي اوسر طرف وڌڻو پوندو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ اسان واضح طور رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي اسان معاشي استحڪام جي مرحلي کان نڪري پائيدار ۽ همٿائيندڙ اقتصادي ترقي طرف ڪهڙي طرح اڳڀرائي ڪنداسين.









