قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز کي پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي، ان ۾ پاڪ فضائيه جي پائليٽن فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ طحه عباسي جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن شهيدن جي ڪٽنبن ۽ پاڪ فضائيه جي …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز کي پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي، ان ۾ پاڪ فضائيه جي پائليٽن فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ طحه عباسي جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن شهيدن جي ڪٽنبن ۽ پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.  هن چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جي غم ۽ ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. جهاز حادثي ۾ شهيد ٿي ويل بهادر سپوتن جي جاني نقصان تي پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ فضائي سرحدن جي تحفظ لاءِ قوم جي انهن بهادر پٽن جي قرباني هميشه ياد رکي ويندي، شهيدن جي پيشيواراڻين خدمتن  فرضن جي ادائگي تي قوم کي فخر آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں