اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي، ته ايوان اندر بنا اجازت جي ڪنهن به علائقائي ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبر مبين عارف جي پنجابي ۾ تقرير تي ڊپٽي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ايوان ۾ چيئر جي اجازت …
ايوان اندر بنا اجازت ڪنهن علائقائي ٻولي ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: سيد غلام مصطفيٰ شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي، ته ايوان اندر بنا اجازت جي ڪنهن به علائقائي ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبر مبين عارف جي پنجابي ۾ تقرير تي ڊپٽي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ايوان ۾ چيئر جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به علائقائي ٻولي ۾ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، ميمبر صرف ۽ اردو يا انگريزي ٻولي ۾ تقرير ڪري سگهي ٿو.










