سينيٽ جو اجلاس ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي)  سينيٽ جو اجلاس اڱارو 16 جُون تي منجهند جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن بحث جاري رکيو.  اجلاس دوران مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ سينيٽرز مالي سال جي بجيٽ بابت پنهنجون تجويزون حڪومتي پاليسين، اقتصادي هدفن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون جڏهن ته مخالف ڌر …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي)  سينيٽ جو اجلاس اڱارو 16 جُون تي منجهند جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن بحث جاري رکيو.  اجلاس دوران مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ سينيٽرز مالي سال جي بجيٽ بابت پنهنجون تجويزون حڪومتي پاليسين، اقتصادي هدفن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن بجيٽ جي مختلف شقن تي تنقيد ۽ تجويزون پيش ڪيون. ايوان ۾ بجيٽ تي بحث دوران ميمبرن معيشت، محصولن، ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مزید خبریں