وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فضائيه جي ٻن پائليٽس فلائيٽ ليفٽيننٽ قاسم عبدالله ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ طحه عباسي کي سندن قرباني تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن شهيد پائليٽن جي وارثن …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فضائيه جي ٻن پائليٽس فلائيٽ ليفٽيننٽ قاسم عبدالله ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ طحه عباسي کي سندن قرباني تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن شهيد پائليٽن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته فلائيٽ ليفٽيننٽ قاسم ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ طحه فرضن جي راهه ۾ شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون ٻنهي پائليٽن جي ڏکويل ڪٽنبن سان آهن، وفاقي وزير حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 3 جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ خاص دعا ڪئي ۽ نيڪ تمنائن جو به اظهار ڪيو.

مزید خبریں