ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي اهم سياحتي ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، ننگرپارڪر، گورک هل اسٽيشن ۽ موئن جو دڙو کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي هنڌ عالمي معيار جا سياحتي مرڪز بڻجي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ترڪيه جي پيٽرا هاسپيٽيلٽي مئنيجمينٽ ڪمپني جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڪمپني جي مئنيجنگ پارٽنر …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ترڪيه جي پيٽرا هاسپيٽيليٽي مئنيجمينٽ ڪمپني جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي اهم سياحتي ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، ننگرپارڪر، گورک هل اسٽيشن ۽ موئن جو دڙو کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي هنڌ عالمي معيار جا سياحتي مرڪز بڻجي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ترڪيه جي پيٽرا هاسپيٽيلٽي مئنيجمينٽ ڪمپني جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڪمپني جي مئنيجنگ پارٽنر ٽاسوس ڪوٽزاناسٽاسس ڪئي. وفد وزير اعليٰ هائوس پهتو جتي صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاهه ۽ وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد قمر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سنڌ ۾ سيڙپڪاري، سياحت ۽ هاسپيٽيلٽي شعبي جي واڌاري بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سنڌ سيڙپڪار دوست پاليسي تحت عالمي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪري ٿي. هن چيو ته سياحت ۽ هاسپيٽيلٽي شعبي ۾ ترڪيه جي تجربن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ترڪيه جي سيڙپڪارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مختلف سياحتي ماڳن تي ريزورٽس ۽ موٽلز قائم ڪيا آهن ۽ سياحتي شعبي ۾ گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري لاءِ ترڪيه جي ڪمپنين کي دعوت ڏني. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سياحت، ثقافت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ بيشمار موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سياحت کي معيشت جو مضبوط ٿنڀ بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. ترڪيه جي وفد سنڌ جي سياحتي ۽ هاسپيٽيلٽي شعبي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين سنڌ ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي ۽ سياحتي سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ثقافت کاتي ۽ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران پيٽرا هاسپيٽيلٽي مئنيجمينٽ سان چونڊ منصوبن تي عملي ڪم شروع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته مستقبل ۾ ويجهي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.











