ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي آجيان ڪندي، ان کي عالمي امن، علائقائي استحڪام ۽ سفارتي ڪاميابي جو هڪ اهم مثال قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو هڪ سٺي اڳڀرائي آهي، جيڪا خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي آجيان

مزید خبریں
ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي آجيان ڪندي، ان کي عالمي امن، علائقائي استحڪام ۽ سفارتي ڪاميابي جو هڪ اهم مثال قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو هڪ سٺي اڳڀرائي آهي، جيڪا خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. هن چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلن جو حل ئي پائيدار امن جو واحد رستو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل سفارتڪاري عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو سڀ کان مؤثر طريقو آهي. هن امن معاهدي کي دنيا لاءِ هڪ مثبت پيغام قرار ڏيندي چيو ته تڪرارن جو حل جنگ نه، پر ڳالهين ۽ مفاهمت ۾ موجود آهي. وڏي وزير امن معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سموري قيادت ۽ سفارتي ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڳالهين، مفاهمت ۽ پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي ۽ هي معاهدو انهيءَ سوچ جي ڪاميابي جو عڪاس آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا-ايران معاهدي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي ساراهيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر مثبت قدم قابلِ تعريف آهي.











