هوائن جو عالمي ڏينهن اسان کي ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جو پيغام ڏئي ٿو: سنڌ جو گورنر

ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هوائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هوائن جو عالمي ڏينهن اسان کي ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جو پيغام ڏئي ٿو. هوا مان بجلي جي پيداوار توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ملڻ سان ملڪ …

ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هوائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هوائن جو عالمي ڏينهن اسان کي ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جو پيغام ڏئي ٿو. هوا مان بجلي جي پيداوار توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ملڻ سان ملڪ توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ جي دڳ تي هلي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ واقع جهمپير پاڪستان جو سڀ کان وڏو ونڊ ڪوريڊور جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ملڪ ۾ توانائي جو اثرائتو وسيلو آهي، پر ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافي جا به روشن امڪان آهن. هن چيو ته ماحول دوست توانائي مستقبل جي ضرورت ۽ قومي ترقي جي ضمانت آهي، جڏهن ته حڪومت پاران تجديد جوڳي توانائي رٿائن کي هٿي وٺائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکيا ويا آهن.

مزید خبریں