انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪا به عظيم خدمت ناهي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ عظيم خدمت ناهي ۽ فاطميد فائونڊيشن رت جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج، رضاڪاراڻي رت جي عطيي ۽ ٿيليسيميا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ قدر جوڳيون خدمتون نڀائي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن رت جي عطيي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فاطميد فائونڊيشن جي تقريب …

ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ عظيم خدمت ناهي ۽ فاطميد فائونڊيشن رت جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج، رضاڪاراڻي رت جي عطيي ۽ ٿيليسيميا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ قدر جوڳيون خدمتون نڀائي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن رت جي عطيي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فاطميد فائونڊيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر چيو ته معاشري ۾ رت جي عطيي جي لاڙي کي زور وٺائڻ اسان سڀني جي گڏيل سماجي ذميداري آهي، ڇو ته هڪ رت جو عطيو ڪنهن ضرورتمند لاءِ نئين زندگي جي اميد بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت تحسين جوڳا ڪم انجام ڏيئي رهيو آهي ۽ فاطميد فائونڊيشن وسيلي هزارين ماڻهن جي زندگين ۾ اميد ۽ سهارو فراهم ڪيو پيو وڃي. گورنر وڌيڪ چيو ته ٿيليسيميا تي اثرائتي نموني ضابطو آڻڻ لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي اڻٽر آهي. هن مقصد لاءِ ضروري آهي ته شادي کان پهرين نوجوان ڇوڪري ۽ نينگري جي ٿيليسيميا جي ٽيسٽ کي معمول بڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ان بيماري کان محفوظ رکي سگهجي. هن چيو ته جڏهن ان حوالي سان شعور عام ٿيندو ته ماڻهو پاڻمرادو ان احتياطي عمل کي اختيار ڪندا. گورنر چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيليسيميا متعلق قانون سازي ۽ بل جي منظوري جي عمل ۾ فاطميد فائونڊيشن به اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، پر ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ وڌيڪ جامع ۽ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل جي نسلن کي محفوظ بڻائي سگهجي. تقريب جي پڄاڻي تي فاطميد فائونڊيشن پاران گورنر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں