خيبرپختونخوا جي گورنر پاران  آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان

پشاور _ 15 جون (اي پي پي ) خيبرپختونخوا  جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪئي آهي . گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر چيو آهي ته معاهدو خطي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. پاڪستان هميشه ڳالهين، سفارتڪاري ۽ پر امن حل جو حامي رهيو آهي. خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته ڌرين جو ٽڪراءَ بدران ڳالهين …

پشاور _ 15 جون (اي پي پي ) خيبرپختونخوا  جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪئي آهي . گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر چيو آهي ته معاهدو خطي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. پاڪستان هميشه ڳالهين، سفارتڪاري ۽ پر امن حل جو حامي رهيو آهي. خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته ڌرين جو ٽڪراءَ بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن . هن چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ شريڪ سفارتي ٽيمن معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . امن معاهدو خطي ۾ اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گورنر چيو ته اها اڳڀرائي عالمي تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.

مزید خبریں