سنڌ حڪومت دل جي مريضن کي وقت سر ۽ بهترين علاج فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 12 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته سنڌ حڪومت دل جي مريضن کي وقت سر ۽ بهترين علاج فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اين آءِ سي وي ڊي لکين ماڻهن لاءِ اميد جي علامت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عالمي معيار مطابق دل جي بيمارين جي علاج جون سهولتون مفت مهيا ڪري رهي آهي ۽ هاڻي …

ڪراچي- 12 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته سنڌ حڪومت دل جي مريضن کي وقت سر ۽ بهترين علاج فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اين آءِ سي وي ڊي لکين ماڻهن لاءِ اميد جي علامت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عالمي معيار مطابق دل جي بيمارين جي علاج جون سهولتون مفت مهيا ڪري رهي آهي ۽ هاڻي اين آءِ سي وي ڊي حسن سليمان ميموريل اسپتال ۾ ڪارڊيالاجي، ٽيلي ڪارڊيالاجي ۽ جديد علاج جون سهولتون فراهم ڪندو. اهڙو اظهار هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز ۽ حسن سليمان ميموريل اسپتال ملير بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس دوران وڏي وزير جي نگراني هيٺ اين آءِ سي وي ڊي ۽ حسن سليمان ميموريل اسپتال ملير وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيون ڪيون ويون. معاهدي جو مقصد ملير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين کي دل جي بيمارين بابت جامع، معياري ۽ مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ هنگامي طور دل جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ مريضن جي استحڪام لاءِ خاص سهولتون قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته دل جي مريضن لاءِ ريفرل ۽ ايمرجنسي رسپانس سسٽم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو. هن زور ڀريو ته ڪو به مريض مالي مشڪلاتن سبب علاج کان محروم نه رهندو. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏيل سهڪار سان صحت جون بهتر سهولتون عوام تائين پهچائڻ ممڪن ٿينديون، ڇاڪاڻ ته دل جي بيمارين جي هنگامي صورتحال ۾ هر لمحو انتهائي اهم هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته هي شراڪتداري مريضن جي فوري سڃاڻپ ۽ وقت سر علاج کي يقيني بڻائيندي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته اين آءِ سي وي ڊي پاڪستان ۾ دل جي بيمارين جي علاج ۾ انقلاب آندو آهي. هن چيو ته نئين شراڪتداري سان مريضن جي وقت سر تشخيص، مستقل سارسنڀال ۽ علاج جي سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي. سندس موجب اينجيوگرافي، اينجيوپلاسٽي ۽ ڪارڊيڪ سرجري لاءِ مؤثر ريفرل سسٽم قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته طبي ۽ نيم طبي عملي جي تربيت ۽ صلاحيتن ۾ واڌارو پڻ معاهدي جو حصو آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ حسن سليمان ميموريل اسپتال ملير وچ ۾ ٿيل هي معاهدو 20 سالن تائين مؤثر رهندو، جنهن سان ڪراچي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ دل جي بيمارين جي علاج تائين عوام جي پهچ وڌيڪ بهتر ٿيندي. اجلاس ۾ وڏي وزير صحت کاتي ۽ اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته معاهدي تي اثرائتي نموني عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مريضن جي بنا رڪاوٽ سارسنڀال جو جامع نظام جوڙيو وڃي. هوڏانهن حسن سليمان فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر جاويد سليمان چيو ته اين آءِ سي وي ڊي سان شراڪتداري تي کين فخر آهي ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان حسن سليمان ميموريل اسپتال ملير دل جي بيمارين جي علاج جو هڪ اهم مرڪز بڻجي اڀرندو. هن چيو ته هي معاهدو انسانيت جي خدمت ۽ محروم طبقي کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هي گڏيل ڪوشش ملير ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي عوام لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي ۽ دل جي بيمارين جي علاج ۾ نوان معيار قائم ڪندي. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، وقتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي اسد بلال اعواڻ، پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود، پروفيسر ڊاڪٽر محمد طارق رفيع، ڊاڪٽر جاويد سليمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.