سنڌ جي گورنر پاران مير اعجاز حسين خان جکراڻي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز حسين خان جکراڻي جي رهائشگاهه تي پهچي سندس نوجوان فرزند مير زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ڪئي. گورنر جي ترجمان موجب ان موقعي تي گورنر سنڌ سوڳوار خاندان سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ …

ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز حسين خان جکراڻي جي رهائشگاهه تي پهچي سندس نوجوان فرزند مير زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ڪئي. گورنر جي ترجمان موجب ان موقعي تي گورنر سنڌ سوڳوار خاندان سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ۽ سموري قوم جکراڻي خاندان سان گڏ بيٺل آهي.سيد محمد نهال هاشمي مرحوم مير زيد حسين جکراڻي جي مغفرت لاءِ دعا گهرندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي هي وڏو صدمو صبر ۽ همت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي.گورنر سوڳوار خاندان جي فردن سان ملاقات ڪري سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ هجڻ جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں