ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو همناڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻاراڻي پورهئي (چائلڊ ليبر) جي خاتمي لاءِ مضبوط قانونسازي، تعليم تائين وسيع رسائي، سماجي تحفظ ۽ جيڪي سبب ٻارن کي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا انهن بنيادي سببن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت لاڳيتو قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ٻاراڻي پورهئي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام …
پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 8.6 ملين ٻار ٻاراڻي پورهئي جو شڪار آهن: سکديو همناڻي

مزید خبریں
ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو همناڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻاراڻي پورهئي (چائلڊ ليبر) جي خاتمي لاءِ مضبوط قانونسازي، تعليم تائين وسيع رسائي، سماجي تحفظ ۽ جيڪي سبب ٻارن کي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا انهن بنيادي سببن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت لاڳيتو قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ٻاراڻي پورهئي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. سکديو همناڻي چيو ته بين الاقوامي ۽ قومي ادارن جي تازي رپورٽن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 8.6 ملين ٻار ٻاراڻي پورهئي جو شڪار آهن، جڏهن ته هر ڏهن مان هڪ ٻار ڪنهن نه ڪنهن قسم جي مزدوري ۾ شامل آهي، جيڪا گهڻو ڪري خطرناڪ ۽ غير محفوظ حالتن ۾ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال فوري ۽ گڏيل قدمن جي گهر ڪري ٿي ته جيئن ٻارن کي سندن بنيادي حق، يعني تعليم ۽ محفوظ ٻالڪپڻ، فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻاراڻي پورهئي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ 1996ع جي بنيادي سروي جي مقابلي ۾ اها تقريباً 50 سيڪڙو گهٽ ٿي چڪي آهي. اهي انگ اکر سنڌ چائلڊ ليبر سروي 2022-2024ع مان حاصل ٿيا آهن، جيڪا يونيسيف جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي.سکديو همناڻي چيو ته جيتوڻيڪ چئلينج اڃا به موجود آهن، پر تعليم، سماجي تحفظ ۽ قانوني سڌارن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ واضح بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ اهم قانونسازي ڪئي آهي. سنڌ پروهيبيشن آف ايمپلائيمينٽ آف چلڊرن ايڪٽ 2017ع تحت ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ ۽ کين خطرناڪ ڪمن ۾ لڳائڻ تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.هن وڌيڪ چيو ته تازو سنڌ اسيمبلي سنڌ ڊوميسٽڪ ورڪرز ويلفيئر بل 2025ع منظور ڪيو آهي، جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي گهريلو ملازمت تي رکڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهريلو ملازمن لاءِ قانوني تحفظ ۽ فلاحي قدمن کي به وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي.ترجمان چيو ته غربت، تعليم تائين محدود رسائي ۽ سماجي ڪمزوري ٻاراڻي پورهئي جا وڏا سبب آهن. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارن لاءِ خاص نان فارمل ايجوڪيشن نصاب متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ 3 هزار نان فارمل ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، جيئن وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليمي نظام جو حصو بڻائي سگهجي.سکديو همناڻي چيو ته سنڌ رائيٽ ٽو ايجوڪيشن ايڪٽ تحت هر ٻار کي 16 سالن جي عمر تائين مفت ۽ لازمي تعليم جو حق حاصل آهي، جڏهن ته حڪومت درسي ڪتاب، تعليمي سامان ۽ ٻيون سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي.هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن خاص طور تي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن وقت ان تحت 35 سنڌ پيپلز اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، جتي گهٽ آمدني وارن ۽ محروم طبقن جي ٻارن کي معياري ۽ مفت تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. اهي قدم اسڪول کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جو انگ گهٽائڻ ۽ ٻاراڻي پورهيي جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ايس پي پلس فريم ورڪ جي لاڳو ڪرڻ ۾ به نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جيڪو عالمي ليبر معيارن ۽ انساني حقن سان وابستگي جو واضح اظهار آهي.سکديو همناڻي چيو ته ٻاراڻو پورھيو رڳو ننڍي عمر ۾ مزدوري جو مسئلو ناهي، پر ان جو تعلق تعليم، موقعن ۽ سماجي انصاف سان پڻ آهي. سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته هر ٻار اسڪول ۾ هجي، نه ڪي ڪنهن ڪم واري هنڌ تي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ پنهنجي پاليسين تي عمل جاري رکندي.






