سنڌ پوليس جي ٻن سينيئر آفيسرن جي پرڏيهي موڪل منظور، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل ڌار ڌار نوٽيفڪيشنن تحت سنڌ پوليس جي ٻن سينيئر آفيسرن جي پرڏيهي موڪل منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن غيرموجودگي دوران لاڳاپيل عهدن جون اضافي ذميواريون ٻين آفيسرن حوالي ڪيون ويون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جي گريڊ 20 جي آفيسر ۽ ڊي آءِ جي …

ڪراچي-11 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل ڌار ڌار نوٽيفڪيشنن تحت سنڌ پوليس جي ٻن سينيئر آفيسرن جي پرڏيهي موڪل منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن غيرموجودگي دوران لاڳاپيل عهدن جون اضافي ذميواريون ٻين آفيسرن حوالي ڪيون ويون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جي گريڊ 20 جي آفيسر ۽ ڊي آءِ جي سنڌ پوليس هاءِ وي پيٽرول آصف اعجاز شيخ کي سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي لاءِ 10 ڏينهن جي “ايڪس پاڪستان” موڪل منظور ڪئي وئي آهي. سندس موڪل دوران پي ايس پي جي گريڊ 20 جي آفيسر ذوالفقار علي مهر، جيڪو هن وقت ڊي آءِ جي پوليس ٽيڪنيڪل اينڊ ٽرانسپورٽ سنڌ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، کي پنهنجي موجوده ذميوارين سان گڏ ڊي آءِ جي سنڌ پوليس هاءِ وي پيٽرول جي اضافي چارج پڻ سونپي وئي آهي. ٻئي طرف، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن تحت پي ايس پي جي گريڊ 19 جي آفيسر ۽ ايس ايس پي سانگهڙ شاهه نواز کي 10 جون کان 16 جون 2026ع تائين ستن ڏينهن جي پرڏيهي موڪل منظور ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، شاهه نواز سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي کانپوءِ پنهنجي ذاتي ۽ خانداني معاملن جي سلسلي ۾ آمريڪا جو دورو پڻ ڪندونوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هي موڪل ان شرط سان مشروط هوندي ته سندن نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل نه هجي ۽ نه ئي هو ڪنهن عدالت کي گهربل هجن.شاهه نواز جي غيرموجودگي دوران ضلعي سانگهڙ جي ايس ايس پي واري عهدي جي اضافي ذميواري شهيد بينظير آباد جي ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا کي سونپي وئي آهي، جيڪو پنهنجي موجوده فرضن سان گڏ اهي اضافي ذميواريون پڻ نڀائيندو.

مزید خبریں