حيسڪو چيف جو حيدرآباد ۾ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي ڏينهن جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ  نه ڪرڻ جو فيصلو

حيدرآباد- 11 جون (اي پي پي) موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هيٽ ويو (سخت گرمي جي لهر) جي الرٽ کي نظر ۾ رکندي، حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري عوام جي سهولت لاءِ هڪ وڏو ۽ اهم فيصلو ڪيو آهي ته  ڏينهن جي وقت لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب حيسڪو ريجن جي سمورن علائقن ۾ ڏينهن جي وقت ٿيندڙ لوڊ مينيجمينٽ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويو آهي، ان عمل جو …

حيدرآباد- 11 جون (اي پي پي) موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هيٽ ويو (سخت گرمي جي لهر) جي الرٽ کي نظر ۾ رکندي، حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري عوام جي سهولت لاءِ هڪ وڏو ۽ اهم فيصلو ڪيو آهي ته  ڏينهن جي وقت لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب حيسڪو ريجن جي سمورن علائقن ۾ ڏينهن جي وقت ٿيندڙ لوڊ مينيجمينٽ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويو آهي، ان عمل جو مقصد سخت گرمي جي لهر دوران عوام کي بجلي جي بندش سبب ٿيندڙ پريشانين کان بچائڻ آهي.حيسڪو انتظاميا جي پهرين ترجيح اها آهي ته هن سخت گرمي ۾ عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي.  حيسڪو انتظاميا بجلي صارفين کي اپيل ڪئي آهي ته بجلي جو استعمال قانوني طريقي سان ڪيو وڃي ته جئين ڪنڍا سسٽم ۽ بجلي چوري جو خاتمو ڪري ئي اسان اوهان کي بنا رڪاوٽ ۽ بهتر کان بهتر بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهون ٿا.

مزید خبریں