لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي حوالي سان ضلعي انتظاميا ۽ اهل تشيع جي عالمن  جو اهم اجلاس

لاڙڪاڻو-11 جون (اي پي پي) محرم الحرام جي حوالي سان لاڙڪاڻو  جي ميئر  ايڊووڪيٽ انور علي جي صدارت هيٺ ضلعي انتظاميه ۽ اهلِ تشيع جي عالمن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٽائون ايمپائر جي چيئرمين وقار علي ڀٽو، ٽائون سچل جي چيئرمين سرفراز حسين، ٽائون حيدري جي چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا درياهه خان قريشي سميت مختلف ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريسڪيو 1122، رينجرز، ضلعي پوليس، ايم …

لاڙڪاڻو-11 جون (اي پي پي) محرم الحرام جي حوالي سان لاڙڪاڻو  جي ميئر  ايڊووڪيٽ انور علي جي صدارت هيٺ ضلعي انتظاميه ۽ اهلِ تشيع جي عالمن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٽائون ايمپائر جي چيئرمين وقار علي ڀٽو، ٽائون سچل جي چيئرمين سرفراز حسين، ٽائون حيدري جي چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا درياهه خان قريشي سميت مختلف ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريسڪيو 1122، رينجرز، ضلعي پوليس، ايم ايس آفيس، پبلڪ هيلٿ، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ، ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر محرم الحرام جي تيارين بابت مختلف کاتن جي عملدارن کان بريفنگ ورتي ۽ کين هدايت ڪئي ته سموريون تياريون وقت  تي مڪمل ڪيون وڃن.هن بلديه جي ملازمن کي سختي سان هدايت ڪئي ته محرم الحرام کي نظر ۾ رکندي روشني، صفائي سٿرائي ۽ ٻين ضروري انتظامن کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي. ميئر لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن کي اهلِ تشيع جي عالمن سان مڪمل سهڪار ۽ مسلسل رابطي ۾ رهڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون، جڏهن ته محرم الحرام کان اڳ سمورن ضروري انتظامن ۽ مسئلن جي حل کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. 

مزید خبریں