حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشدي ايسوسيئيٽ ڊگري (اي ڊي) ڪامرس حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2024ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ڄاڻايل امتحان ڊسمبر 2025ع ۾ منعقد ٿيا هئا. سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب امتحانن ۾ مجموعي طور 2160 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 1783 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪامياب قرار …
سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي ڪامرس حصو ٻيون جي امتحاني نتيجن جو اعلان

مزید خبریں
حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشدي ايسوسيئيٽ ڊگري (اي ڊي) ڪامرس حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2024ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ڄاڻايل امتحان ڊسمبر 2025ع ۾ منعقد ٿيا هئا. سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب امتحانن ۾ مجموعي طور 2160 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 1783 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪامياب قرار ڏنا ويا. اهڙيءَ ريت مجموعي پاس ٿيڻ جي شرح 82.54 سيڪڙو رهي. نتيجن موجب اڪثريت اميدوارن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جن مان وڏي انگ ۾ شاگردن سيڪنڊ ڪلاس حاصل ڪيو. انگن اکرن موجب 323 اميدوار فرسٽ ڪلاس، 1434 اميدوار سيڪنڊ ڪلاس ۽ 26 اميدوار ٿرڊ ڪلاس ۾ ڪامياب ٿيا. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 95 اميدوار امتحان ۾ ناڪام ٿيا، جڏهن ته 39 اميدوار غير حاضر رهيا. ان کان علاوه مختلف تعليمي ۽ ضابطي وارن سببن جي بنياد تي ڪيترن ئي اميدوارن جا نتيجا روڪيا يا رد ڪيا ويا آهن. اھڙيءَ طرح اي ڊي ڪامرس حصو پھريون ۾ ناڪامي سبب 45 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا، ڪنڊڪٽ برانچ سبب 87 اميدوارن جا نتيجا التوا ۾ رکيا ويا، نقل يا ڪاپي جي ڪيسن سبب 4 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا، جڏهن ته 55 اميدوارن جا سمورا پيپر رد ڪيا ويا ۽ 52 اميدوارن جا ڪجهه پيپر رد ڪيا ويا آھن.











