شرجيل انعام ميمڻ پاران پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان آرمي جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هي دل ڏاريندڙ حادثو سڄي …

ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان آرمي جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هي دل ڏاريندڙ حادثو سڄي قوم لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ۽ ان سان هر پاڪستاني غمگين آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وطن جي بهادر سپوتن جون خدمتون، قربانيون ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ ڏنل لازوال ڪردار هميشه ياد رکيا ويندا. هن چيو ته قوم هن ڏکئي گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ وطن جي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن پونئيرن کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا ڪري.